جمعو فقير جوڙ

جمعو فقير جوڙ

جمعو فقير جوڙ

جمعو فقير جوڙ: جمعو نامور شهنائي نواز ٿي گذريو آهي، جنهن جو جوڙ سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور هو. جيڪي حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين درگاهن ۽ پڙن، ميلن، شادين ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ شهنائيءَ تي سنڌي لوڪ ڌنون وڄائيندا هئا، حيدرآباد جي مشهور بزرگ سيد ڇٽن شاهه جي درگاهه تي ڇٽن شاهه جي حياتيءَ کان وٺي جمعي فقير جو جوڙ حاضري ڀريندو هو، ان کان سواءِ نٿو شاهه ۽ زوار شاهه جي پِڙ، سنڌ ۽ ملتان جي وڏين خانقاهن تي پنهنجي فن جو مظاهرو به ڪندا هئا، ’جوڙ‘ ٽولي کي چئبو آهي، ان جوڙ ۾ دهل، شرنائي، بين وڄائبي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٻه دهل ۽ ٻه شرنائي به وڄايون وينديون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو